نصرالله گڏاڻي تي حملي مان ثابت ٿيو سنڌ ۾ لاقانونيت آهي: لال جروار

ٺٽو (پ ر) عوامي تحريڪ جي باني ۽ عظيم مفڪر رسول بخش پليجي جي ڇهين ورسي جون تياريون هلندڙ آهن، عوامي تحريڪ جي  مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، مٺا خان لاشاري، گهنور زنور اسلم سمون ۽ ٻين ضلعي ٺٽي جي ڪيٽي بندر، ٻگھاڻ، ڳوٺ اعتبار علي شاھ ۽ ٻين ڳوٺن جا دورا ڪريڳوٺاڻن کي ورسي جون دعوتون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته رسول بخش پليجو، سنڌو درياءَ جو محافظ هو. درياءُ بچائڻ لاءِ رسول بخش پليجي جو فڪر اڄ به جدوجهد جي ميدان ۾ آهي. پاڻي بند ڪري سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. جيئن اسرائيل ويسٽ بينڪ تي قبضو ڪيو آهي، تيئن سنڌ جي ساحلي پٽي تي به سامراجي قوتن قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قانون بدران ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي، نصرالله گڊاڻي تي قاتلاڻي حملي مان ثابت ٿئي ٿو سنڌ کي هٿ وٺي لاقانونيت جي حوالي ڪيو ويو آهي. وڏيري، سردارن، ڀوتارن ۽ ڌاڙيلن علائقا نجي ڪيٽيون ٺاهي ڏنيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.