نصرالله گڏاڻي جو اشو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ويندو: درشن لعل

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لعل جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي عيادت لاءِ آغا خان  اسپتال،هن نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ  ۽ وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي جا مڪمل تفصيل ورتا ۽ چيو ته نصرالله گڏاڻي ھڪ بھادر صحافي آهي ھو ھميشه غريب عوام جو آواز بڻيو،سنڌ حڪومت کي  گهرجي ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لعل وارثن کي يقين ڏياريو ته جوابدار ڪيڏا بااثر ڇو نه هجن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو  نصرالله گڏاڻي جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ان لاءِ آواز اٿاريو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.