پي ايف يو جي وفد پاران نصرالله گڏاڻي جي عيادت

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ، پي ايف يو جي، جي  مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر ۽ سينيئر صحافي زاھد کوکر وفد جي صورت ۾ ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ پھچي ميرپور ماٿيلي جي زخمي صحافي نصر الله گڏاڻي جي عيادت ڪري ڊاڪٽرن ۽  وارثن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي اڳواڻن قاتلاڻي حملي ۾ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيل عوامي آواز جي رپورٽر نصر الله گڏاڻي جي وارثن کي يقين ڏياريو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جي صحافي برادري نصرالله گڏاڻي سان گڏ آھي. حملي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته حملي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.