اسلام آباد (بيورو) آءِ ايم ايف حڪومت کي بجلي ۽ گئس ٽيرف ۾ واڌ ۽ پيٽروليم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جي تجويز ڏيندي سمورا مطالبا 40 ڏينهن اندر پارليامينٽ مان منظوري جو شرط رکيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين قرض پروگرام تي ڳالهيون اڄ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ آءِ ايم ايف مشن اسٽاف ليول معاهدي رات واپس روانو ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کي ڪيترن ئي اڳواٽ شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو. نئين بجيٽ کانپوءِ آءِ ايم ايف سان نئين بيل آئوٽ پيڪيج تي وري ڳالهين جو امڪان آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيش ڪرڻي پوندي. حڪومت ايندڙ سال پيٽروليم تي جي ايس ٽي بدران ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، بجلي ۽ گئس ٽيرف ۾ واڌ ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا شرطن ۾ شامل آهن. حڪومت پيٽروليم شين تي اڳ ئي 60 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪري رهي آهي، ايندڙ مالي سال پيٽروليم ليوي مان هڪ هزار 80 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 2295 ارب رپيا آمدني جو امڪان آهي، ان کان ايندڙ سال پيٽروليم ليوي سان حاصل ٿيندڙ آمدني هڪ هزار 215 ارب رپين تائين پهچي ويندي. عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حڪومت کان بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائڻ، نوان ٽيڪس متعارف ڪرائڻ، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ ۽ پيٽروليم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيش ڪرڻي پوندي. ايندڙ بجيٽ ۾ به سخت معاشي پاليسيون جاري رکيون وينديون. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جي نئين پروگرام تي ڳالهيون اڄ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف مشن اڄ رات اسٽاف جي سطح جي معاهدي کان سواءِ روانو ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب پاڪستان کي اسٽاف ليول جي معاهدي کان اڳ ڪيترائي شرط پورا ڪرڻا آهن. پاڪستان کي پنهنجي نئين بيل آئوٽ پروگرام لاءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (IMF) سان اسٽاف ليول ايگريمينٽ (SLA) تائين پهچڻ لاءِ ايندڙ 40 ڏينهن اندر پارلياماني منظوري ۽ قانون سازي جي ذريعي ابتدائي قدمن جو هڪ سيٽ مڪمل ڪيو وڃي. ان کان علاوه نئين مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيش ڪرڻي پوندي. پاڪستاني عملدارن ۽ آءِ ايم ايف جي اسٽاف مشن ناٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ معيشت جي لڳ ڀڳ سڀني اهم شعبن ۾ وڏين سڌارن جو مطالبو ڪيو آهي، جن ۾ بجلي ۽ گئس جا شعبا، سرڪاري ادارا، پينشن، روينيو وغيره شامل آهن. هڪ آفيسر وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف غير متوقع سياسي ماحول ۾ سڌارن ۽ پاليسي جاري رکڻ لاءِ پارليامينٽ مان منظوري چاهي ٿو ". هڪ آفيسر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پارليامينٽ طرفان بجيٽ جي منظوري کان پوءِ آن لائين صلاح مشورا ننڍن مسئلن لاءِ ڪافي هوندا ۽ فالو اپ مشن جي ضرورت نه پوندي. هڪ عهديدار چيو ته 7 جون تي پارليامينٽ ۾ وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ تقريبن حتمي آهي، عيد الاضحيٰ جي موڪلن پارلياماني بحث لاءِ سخت شيڊول ڇڏيو آهي.