ڪرغستان مان 205 سنڌ واسي شاگرد واپس پهتا

ڪراچي (رپورٽر ) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪرغزستان جي شهر بشڪيڪ ۾ ڦاٿل 205 پاڪستاني شاگردن جي جناح ٽرمينل پهچڻ  تي آجيان ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو نه رڳو لاڳاپيل خاندانن پر سڄي پاڪستان لاءِ پريشاني جو سبب آهي، پرڏيهي وزارت ۽ ٻيون وزارتون فوري طور تي ڪرائسز مئنيجمينٽ سيل قائم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ 205 شاگرد پھتا آهن، جن مان 150 مرد ۽ 55 عورتون آهن. خميس تي پهچندڙ 205 شاگردن مان 99 ڪراچي، 22 حيدرآباد، 15 نوشهروفيروز، 13 خيرپور، 13 سکر، 12 نوابشاهه، ميرپورخاص، بدين، جيڪب آباد ۽ دادو مان 5-5، سانگهڙ (ٽنڊو آدم) مان 3، ڄامشورو ۽ ڪشمور مان 2-2، ڪنڌڪوٽ، پنوعاقل ۽ ٿرپارڪر مان ھڪ ھڪ شامل آھن.  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪرغزستان ۾ 180 شاگرد اڃا تائين ڦاٿل آهن، جن مان 6 زخمي آهن. هن پڪو پھھ ڪيو ته باقي شاگردن کي واپس آڻڻ لاءِ چارٽر فلائيٽ جو خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت جون لاڳاپيل وزارتون توڙي وزيراعظم شهباز شريف پڻ شاگردن جي تعليمي سفر جاري رکڻ لاءِ رستو ڳولي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.