ڪراچي (رپورٽر) توانائي ۽ ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) اسان جو ادارو آهي جيڪو ٻين ادارن جي بهتري ۽ ملڪي استحڪام لاءِ مضبوط بنيادن تي قدم کڻندو. سياحتي ادارا سنڌ حڪومت وٽ رهندا. هي ادارو سنڌ حڪومت جي گڏيل سهڪار ۽ مدد سان قدم کڻندو ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ايس آءِ ايف سي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ اداري سنڌ حڪومت کي يقين ڏياريو ته هو جيڪي به قدم کڻندا هو سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي ۽ گڏيل رضامندي سان ڪندا. ناصر شاهه چيو ته ايس آءِ ايف سي بابت حتمي قدم کڻڻ جي فيصلي جو اختيار سنڌ حڪومت وٽ هوندو. هن چيو ته اداري جي حوالي سان ڪيتريون ئي افواهون ۽ خدشا آهن، جن ۾ ڪا به صداقت ناهي. رڳو قياس آرائيون آهن. سنڌ حڪومت ۽ SIFC ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي سينيئر اڳواڻن سان گڏ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ اسان جي حڪومت آهي انڪري آهستي آهستي 100 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جا اُپاءُ وٺي رهيا آهيون. ۽ مرحلي واري 300 يونٽ تائين بجلي مفت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته هو شمسي توانائي تي ٽيڪس لڳائڻ کي عوام سان سراسر ناانصافي سمجهن ٿا ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ چيو ته پ پ جي ڪردار کي لتاڙيو ويو آهي. هو پنجاب حڪومت جي پيش ڪيل بل جي حمايت نٿا ڪن.