پي ٽي آءِ پاران انتقامي سياست ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين انتقامي سياست نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان انتقامي  سياست نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه ٿا وٺون، ان جي باوجود اسان تي ظلم ٿي رهيو آهي، اسان سڀني لاءِ معافي جو اعلان ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان چئون ٿا ته ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ جنگبندي ٿيڻ گهرجي، ”ڪليش آف ٽائٽنز“ ختم ٿيڻ گهرجي. بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چيو آهي ته هو ملڪ جي معيشت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڳالهائڻ چاهين ٿا.

  1. اوگرا تيل اگهن ۾ گهٽتائي بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت گردش ڪندڙ خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.اوگرا ترجمان  واضح ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سموريون خبرون بي بنياد آهن.هن چيو ته قيمتن بابت ڪجهه به چوڻ اڳڀرائي آهي، اوگرا 31 مئي تي پيٽروليم شين جي قيمتن تي ڪم ڪندي.ان کان اڳ اوگرا جي معتبر ذريعن پاران ٻڌايو ويو هو ته پهرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾4 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پيٽرول 4 رپيا في ليٽر سستو ٿي سگهي ٿو.

  1. ٽيڪس نه ڏيندڙ نان فائلرز جون 11 هزار موبائل سمون بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايف بي آر جي هدايتن تي نان فائلرز جون 11 هزار کان وڌيڪ سمون بند ڪيون ويون آهن. ايف بي آر ترجمان موجب انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر تحت موبائل سمز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ 22 مئي تائين 11 هزار 252 سمز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي. ايف بي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ٽيڪس ڪمپلائنس ۽ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. ياد رهي ته ايف بي آر اختيارين گذريل ڏينهن ٻڌايو هو ته نان فائلرز جون 9 هزار کان وڌيڪ سمون بند ڪيون ويون آهن. ترجمان چيو ته نان فائلرز جا موبائل فون نمبر بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو پارليامينٽ جو آهي ۽ حڪومتي فيصلي تي هر حال ۾ عمل ٿيڻ گهرجي. ان کان علاوه گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق واضح ڪيو ته عدالت سمز بند ڪرڻ تي اسٽي آرڊر ناهي ڏنو، حڪومت جو اهو حڪم اڃا به برقرار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.