ڪشمور (ڊر) ڪشمور ڀرسان 2 ھفتا اڳ آبپاشي ڪالوني مان آبپاشي ملازم جو اغوا ٿي ويل نوجوان پٽ ھيبت علي نيازي آزاد نه ٿي سگھيو، مغوي جي آزادي لاءِ آبپاشي ڪالوني ۾ وارثن ۽ آبپاشي ملازمن پاران لڳايل احتجاجي ڪيئمپ تي ويٺل مغوي جي والد محمد شفيق نيازي کي ڌاڙيلن فون ڪري ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آھي جڏھن ته ڌاڙيلن ھڪ ڪروڙ کان علاوه 4 بوسڪي جا وڳا، 2 آءِ فون موبائيل فون ۽ 4 قيمتي راڊو واچ به ڀنگ سان گڏ طلب ڪري ورتا آھن.