آءِ ايم ايف جي نگراني ۾ تيار ٿيندڙ بجيٽ !؟

رپورٽون آهن ته وفاقي حڪومت ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها بجيٽ هيل آءِ ايم ايف جي مشاورت سان تيار ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ڇڏي آهي . ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن جن ۾ آءِ ايم ايف پنهنجا شرط رکي رهي آهي. چيو پيو وڃي ته ايندڙ بجيٽ ۾ محفوظ ۽ غير محفوظ صارفن لاءِ گئس بل 100 رپين مان وڌائي 400 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏنل آهي. ڳالهين ۾ وفد کي گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ٽي پلان ڏنا ويا، ڀاڻ جي اگهن ۾ پڻ واڌ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن. ان کان اڳ اها به رپورٽ شايع ٿي آهي ته آءِ ايم ايف جي سفارش تي دوائن تي به 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائي ويندي.

جيتوڻيڪ ايندڙ بجيٽ به سخت پيش ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن پر حقيقت ته اها آهي ته هر دور ۾ مهانگائي ٿيندي رهي آهي پر جڏهن کان پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ واري معاملي کي پندرنهن وار ڪيو ويو آهي تڏهن کان مهانگائي جو طوفان تيز کان تيز ٿيندو پيو وڃي جيڪو گهٽجڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي.

ان حوالي سان  اسان پهريون به ڪافي ڀيرا اهو لکي چڪا آهيون ته ماضي ۾ سال اندر هڪ ڀيرو بجيٽ پيش ڪئي ويندي هئي يعني سڄي سال لاءِ شيئن جا جيڪي اگهه هڪ ڀيرو مقرر ٿيندا هيا سي ئي سڄو سال هلندا هيا جيستائين وري نئين بجيٽ نه ٿي اچي. ان سبب شيئن جا اگهه مستقل هوندا هيا. جيڪا ڳالهه هاڻي ناقابل يقين ٿي لڳي پر اها تمام سٺي روايت بهرحال ماضي ۾ موجود هئي. جيتوڻيڪ قومي ۽ صوبائي بجيٽ هاڻي به ساليانو ئي پيش ڪئي ويندي آهي پر هاڻوڪين بجيٽن ۾ عام واهپي جي شيئن جا جيڪي اگهه هڪ ڀيرو مقرر ٿين ٿا سي سڄو سال قائم نه ٿا رهن پر هاڻي ٻارهو ئي شيئن جي اگهن ۾ واڌ ۽ لاٿ ٿيندي رهي ٿي جيڪا انتهائي مذمت ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

وري اڳتي هلي جيڪا ٻي خراب روايت وڌي وئي سا اها هئي ته ماهوار پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ يا گهٽائڻ شروع ٿي ويا. ان سان پوءِ ائين ٿيو جو شيئن جا اگهه به ماهوار وڌڻ ۽ گهٽجڻ لڳا يعني سالياني بجيٽ ۾ طئي ٿيل اگهن جي کلئي عام ڀڃڪڙي ٿيڻ لڳي. چيو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جي اگهن ۾ ماهوار واڌ ۽ لاٿ سبب اسان به ان حساب سان پيٽروليم جي اگهن کي هيٺ مٿي ڪرڻ تي پابند هوندا آهيون. ائين ڪرڻ سان بهرحال مهانگائي جو باقاعدي طوفان گهلڻ لڳو ۽ هر مهيني مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ لڳو. پر مهانگائي ۾ شدت اڃان تڏهن آئي جڏهن اڳتي هلي پندرهن وار پيٽروليم جا اگهه وڌايا ويا. معنيٰ ته اڳتي هلي ماهوار بدران پندرهن وار پيٽروليم جي اگهن جي وڌڻ ۽ لهڻ سبب شيئن جا اگهه به پندرهن وار وڌڻ ۽ گهٽجڻ لڳا. ائين مهانگائي جي طوفانن جو سلسلو تيز کان تيز ٿيڻ لڳو.

اسان جي ملڪ اندر مهانگائي جو اصل ڪارڻ اهو آهي. هاڻي سالياني بجيٽ جي عوام ڪا اهميت ناهي رهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي ٻارهو ئي اڻ سڌي نموني بجيٽ پيش ٿيندي آهي. پيٽروليم جي اگهن جي وڌڻ سان هر شئي جي قيمت وڌي ويندي آهي. پر جيڪڏهن پيٽروليم جي اگهن جي قيمت گهٽ ٿيندي آهي ته پوءِ وري وڌايل قيمتون گهٽ ناهن ٿينديون نه ئي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا هر مهيني يا هر پندرهين ڏينهن مارڪيٽ وڃي اگهن جي چڪاس کي يقيني بڻائي سگهندي آهي ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان وٽ پيٽروليم جي اگهن وڌڻ سان رڳو مهانگائي ئي ٿيندي آهي پر پيٽروليم جي اگهن لهڻ سان سستائپ ناهي ٿيندي.

هاڻي وري سال 2024 ۽ 2025 جي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ جيڪڏهن رپورٽن موجب واقعي به آءِ ايم ايف جي هدايتن ۽ شرطن تحت بجيٽ تيار ٿيندي ته پوءِ ظاهر آهي ته سخت ترين ۽ ڏکي بجيٽ آڏو ايندي جنهن بابت حڪومتي سطح تي اشارو به ڏنو پيو وڃي ته هيل مشڪل بجيٽ پيش ڪئي ويندي. اسان کي آءِ ايم ايف جي نگراني ۾ تيار ٿيندڙ بجيٽ تي سخت اعتراض آهي. آءِ ايم ايف کي بجيٽ ۾ مداخلت نه ڪرڻ ڏني وڃي.

ٻيو ته اسان جو خيال آهي ته هڪ وڏي عرصي کان خاص ڪري ڪورونا وائرس ۽ پندرهن وار پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ واري پاليسي سبب عوام مهانگائي جي جنڊ ۾ پيسجي رهيو آهي سو عوام وٽ وڌيڪ معاشي طور قرباني ڏيڻ لاءِ عوام کان وڌيڪ قرباني گهرڻ کان بهتر آهي ته هيل حڪمرانن، سرمائيدارن ۽ امير طبقي تي مالي بار وڌو وڃي، انهن کان قرباني جو حصو وڃي، انهن جي واهپي جي شيئن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايا وڃن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جو انتظام ڪيو وڃي. عوام جي دوائن ۽ گيس کي مهانگو نه ڪيو وڃي. عوام جي صبر جي حد ختم ٿي چُڪي آهي خدارا سندن صبر تي وڌيڪ مهانگائي جو تيل نه هاريو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.