شاگرد اڳواڻ علي رضا بروهي ڪٿي آھي؟

تحرير: قادر ملاح

ڪجهھ ڏينھن اڳ سنڌ يونيورسٽي مان جساف شاگرد اڳواڻ علي رضا بروھي کي رڳو ان ڪري کنڀيو ويو آھي ته ھو شاگرد سياست نه ڪري؟  شاگردن جي جائز ڳالهه نه ڪري.

اسان ڪنھن به ريت انساني حقن جون ڀڃڪڙيون قبول ڪندڙ ناھيون. ڊگهي عرصي کان وٺي شاگردن جي حقيقي نمائندگي ڪندڙن جي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا کان وٺي سرڪار تائين سڀ ڌريون ايتريون ناراض آهن جو انهن کي جيلن ۾ واڙين ٿا ڪورٽن جا چڪر ڪاٽرائن ٿا. اھو به سچ آھي ته زھر جو پيالو ھميشه سچ کي اوتڻو ھوندو آھي.

علي رضا بروھي ميھڙ سان تعلق رکندڙ ھڪ پرامن سياسي اڳواڻ آھي ان جي جبري گمشدگي اسان سڀني آڏو سوال آھي ته ھڪ شاگرد ڳوٺان پنھنجو امتحان ڏيڻ لاءِ نڪري ٿو اوھان ان کي رستي تان کڻي گم ٿا ڪري ڇڏيو؟ اوھان پويان ميسيج ڪھڙو ٿا ڇڏيو.

سنڌ واسين آڏو سندس امڙ ۽ پيءَ جي لاءِ ته اسان ئي اڇي ڪاري جا مالڪ آھيون جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين۔ سنڌ اھڙن ھاڃن کي ڪيترو برداشت ڪري سگھندي اھو سوال سنڌ اسان سڀني  کان پڇي رھي آھي ته ھي نظام ڪھڙو نظام آھي جتي هڪ شاگرد امتحان ڏيڻ واري ڏينهن امتحان ۾ هال ۾ هجي يا ٽارچر سيل ۾؟ سنڌ جا بنيادي انساني حق معطل بڻيل آھن۔ ڪڏھن مذھب جي نالي تي سنڌين جا وسيلا ڦريا ٿا وڃن ته ڪڏھن ڀُٽي جي نالي تي سنڌين کي بکيو بدحال ۽ غلام بڻايو ٿا۔ اسان علي رضا بروھي ۽ سنڌ جي ماڻھن جي زندگي ۽ موت جي سوال تي جرئت به ڪنداسين ۽ اوھان کان پڇاڻو به ڪنداسين ته اسان سان دھشتگردن وارو ورتاءُ نه ڪريو پوءِ ڀلي اوھان فتوائون ڏيو يا ناراض ٿيو۔

علي رضا بروهي کي اوهان انهن ڏينهن ۾ کنيو آهي جڏهن سندس امتحان هيو. ڊگهي غلاميءَ جي ڪري اسان ۾ ڪي ڪوتاهيون ضرور اچي ويون آهن پر اهڙين حالتن ۾ جڏهن سنڌ احتجاج ڪندي آهي ته پوري سماج کي پاڻ ڏانهن متوجهه به ڪري وٺندي آهي ۽ علي رضا بروهي جي آزادي لاءِ به ائين ئي دوستن احتجاج ڪندي امتحان جي وقت سندس سيٽ نمبر واري ڪرسيءَ تي علي جي تصوير لڳائي احتجاج ڪيو ويو جنهن تصوير ۾ لکيل هيو علي رضا بروهي کي آزاد ڪيو. جڏهن مون کيس اها تصوير ڏٺي ته ان ساڳي اديب جا لفظ ذهن ۾ چڀڻ لڳا” ڪنهن کان ٿا مطالبو ڪريو.“ ۽ پاڻ ئي جواب سجهي آيو ته سائين جنھن علي رضا کي کنيو آهي. اها طاقت انڌي آهي مڃون ٿا هنن جا هٿ لوهي آهن. مارشل ٽيٽو چيو هو” اسان دنيا جو ضمير آهيون ان جا لوهي هٿ نه “

علي رضا ڪتاب، قلم ۽ حق جي پاسي جو ماڻھو آهي. اوهان هاڻ چوندئو جبري گم ڪرڻ وارو عمل دهشتگردي ناهي پر گم ٿيڻ دهشتگردي آهي. ڇو جو اوهان جي پريڪٽس ٻڌائي ٿي ته اوهان جڏهن معصوم ماڻهو ظاهر ڪريو ٿا انهن کي دهشتگرد ڪري ٿا ظاهر ڪريو. علي رضا جو معاملو نج انساني حقن جو معاملو آهي هي بدترين بنيادي انساني حقن جي لتاڙ آهي. علي رضا کي بنا دير جي آزاد ڪريو ۽ سياسي ڪارڪنن تي اڻ اعلانيل آپريشن بند ڪريو.

سنڌ حڪومت جي گھرو کاتي جي وزير ضياء لنجار، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سموري حڪومت پنھنجو ڪردار نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ڏسجي. اسان جي گهر جائز ۽ قانوني آهي. اسان تاريخ جي ان وقت آمهون سامهون ٿينداسين جڏهن حقي ايف آءِ آر داخل ٿيندي ۽ سنڌ اوهان تي تاريخ ۾ اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي جو دنيا جو ضمير صدين کانپوءِ ٿڌو ساهه کڻندو ۽ مرڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.