ڪوئيٽا (بيورو ) انساني حقن جي علمبردار ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ انساني حقن بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ناروي پهچي وئي آهي، ان حوالي سان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سوشل ميڊيا سائيٽ تي پوسٽ ڪندي چيو ته مان انساني حقن ۽ ايڪٽيوزم جي شهر اوسلو، ناروي پهچي چڪي آهيان. هن چيو ته مان هڪ اهڙي ملڪ ۾ پهتي آهيان جنهن جي ڊگهي جمهوري روايتن ۽ امن جو نوبل انعام حاصل ڪرڻ سان مشهورآهي، ڊاڪٽر ماهه رنگ وڌيڪ لکيو ته مان هتي ڪجهه ڏينهن لاءِ هڪ وڏي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيو آهيان، جنهن ۾ 44 ملڪن مان حقن جي ڪارڪنن کي گڏ ڪيو ويندو. هن چيو ته مان بلوچستان ۾ جبري گمشدگين، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ عدالتن کان مٿانهون قتلن جي باري ۾ ڳالهائيندس.