پراڪسي کي پراڪسي ئي ڪوٺيو ويندو: ايمل ولي خان

اسلام آباد(بيورو) سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته ججن خلاف معزز پارليامينٽ استعمال ٿي رهي آهي،جيڪي بينيفيشريز آهن اهي ڪالهه آئين جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي جيڪي مستفيد ناهن اهي ڪالهه بينيفشريز هئا،جڏهن کان اليڪشن ٿي آهي فارم 47 جي ڳالهه ٿي رهي آهي، سينيٽ ۾  تقرير ڪندي هن چيو ته اسان به چئون ٿا ته ڇو نه پاڪستان ٺهڻ کان وٺي جي ڳالهه ڪريون؟ اسان ٻارن کي ڪوڙ پڙهائي رهيا آهيون، مان هن ملڪ ۾ غدار ابن غدار جو پٽ آهيان،مان به ان نعري مان گذرندس،مون ته هن ايوان ۾ قائداعظم جي تصوير کي به قيد ڏٺو آهي،اها تصوير  ان وقت قيد ٿي وئي جنهن ڏينهن هن آئين جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي، قائداعظم چيو هو ته هي ملڪ ان ڪري ناهي ٺهيو ته عوام غلام هجي ۽ بندوق واري وٽ طاقت هجي،اڄ تائين قائداعظم آزاد ناهي ٿي سگهيو، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو فائدو ڪيترو ٿيو ۽ نقصان ڪيترو ٿيو؟ قائداعظم جي معاملي  تي جاچ ٿيڻ گهرجي،محترمه فاطمه جناح به غدار ڪوٺي وئي، خدائي خدمتگارن جي حڪومت ختم ڪئي وئي، پاڪستاني فوج هٿين خالي شهرين تي گوليون هلايون هيون، 600 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ڪيا ويا، اڄ تائين انصاف نه مليو، باچا خان تڏهن جي ايڇ ڪيو، پارليامينٽ تي حملي جو حڪم نه ڏنو هو،هن چيو ته اسان بنگال جو مينڊيٽ نه مڃيو،ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، اسان ٻيهر ان حد تائين پهچي ويا آهيون، مسنگ پرسنز تي به اسان جو ترجيحون مختلف آهن، هڪ ماڻهو واپس ملي ويو باقي 32 هزار گم آهن ته اسان چپ آهيون،عدليه ڳالهه ڪري ٿي هڪ آءِ ايس آءِ ڪرنل جي ته تڪليف ڪنهن ٻئي هنڌ شروع ٿي وڃي ٿي،تڪليف ايوانن ۾ پهچي وڃي ٿي،پراڪسي ته ڪوٺيو ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.