ڪراچي (رپورٽر)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو بي حال ٿي ويا. سنڌ ۽ پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ گرمي جي لهر سبب شهري پريشان آهن. شهرين مختلف هنڌن تي ٿڌي پاڻي جا ڪولر لڳائي ڇڏيا آهن.ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ سبب شهري پريشان آهن.شهر ۾ اعلانيل ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته گرمي ۾ لوڊشيڊنگ سبب زندگي اجڙي وئي آهي.حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سخت گرم موسم ۾ حيسڪو پاران 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
Heatwave Sindh Protest