اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) فيڊرل بيورو آف ريونيو ( ايف بي آر ) هدايتن تي نان فائلرز جون 11 هزار کان وڌيڪ سمون بند ڪيون ويون آهن.
ايف بي آر ترجمان موجب، موبائيل سمون انڪم ٽئڪس جنرل آرڊر تحت بند ڪيون ويون آهن ۽ 22 مئي تائين 11 هزار 252 سمون بلاڪ ڪيو ويون آهن.
ايف بي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ٽئڪس ڪمپلائنس ۽ ٽئڪس ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
FBR PTA SIMs non-filers