اسلام آباد(عمران شفقت+اسد طور+امداد سومرو) عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جهيڙو وڌي ويو آهي اها ويڙهه هاڻي پاڪستان جي پارليامينٽ تائين پهچي وئي آهي،سپريم ڪورٽ جي هڪ جج خلاف تحريڪ استحقاق جمع ٿي وئي، سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي قوت برداشت چيڪ ڪئي پئي وڃي،عمران جي محبت ۾ اڃا به عدالتن مان فيصلا اچي رهيا آهن، ايجنسين جي دٻاءُ جو خط لکندڙ 6 ججن مان ٽن ججن ٽيريان وائيٽ ڪيس ۾ عمران خان کي بري ڪري ڇڏيو آهي، عمران پراجيڪٽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، حڪومت فوج ۽ ايجنسين جي دفاع ۾ اڳيان اچي وئي آهي، پارليامينٽ ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ تقريرون ٿي رهيون آهن، پارليامينٽ جسٽس اطهر من الله کي طلب ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي،قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي هو ججن کي ٽينشن ڏيڻ جو سوچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جو اهو خيال آهي ته فوج عمران خان آڏو سرينڊر ڪري،عدليه اسٽيبلشمينٽ جهيڙي ۾ ڪا به ڌر پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي،لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد مان طاقتور حلقا تنگ آهن،اسلام آباد ۾ عدليه ۽ اسٽبيلشمينٽ جي جهيڙي ۾ مارشل لا لڳڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،ان معاملي ۾ به پارليامينٽ عدليه جي مخصوص حصي جي پلڙي ۾ پنهنجو وزن نه پئي وجهي،مولانا فضل الرحمان ۽ عمران خان پاڻ ۾ گڏجي ويا ته پوءِ حڪومت ڇا ڪري سگهندي؟ عمران خان چاهي ٿو ته مارشل لا لڳي ته هن جي حق ۾ هوندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 23 مئي 2024ع تي شايع ٿيو
establishment parliament pakistan