ڪراچي (رپورٽر) يونيورسٽين ۽ بورڊز واري صوبائي وزير صوبي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن ۾ ڌانڌلي ۽ بدانتظامي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سال کان سمورا امتحان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٿيڻ گهرجن. يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جي لاڳاپيل آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.اجلاس ۾ ميٽرڪ جي امتحانن ۾ بدانتظامي ۽ بي ضابطگين تي آفيسرن کان جواب طلب ڪندي هن چيو ته امتحانن ۾ غير شفافيت جون شڪايتون مليون آهن، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.خانگي سينٽرن م امتحان منعقد ڪرڻ جي حوالي سان آفيسرن کان جواب طلب ڪندي محمد علي ملڪاڻي چيو ته بورڊ آفيسرن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، پرائيويٽ سينٽرن ۾ ٻارن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هن چيو ته ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ايندڙ سال پرائيويٽ سينٽرن ۾ امتحان نه ٿيڻ گهرجن.