بجلي عوام جي بنيادي سهولتن مان اهم سهولت آهي دنيا جي ترقي يافته ملڪن بجلي تي مواصلاتي نظام بحال ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي ترقياتي نظام بجلي تي بحال ڪري ڇڏيا آهن. ان مان اها خبر پوي ٿي ته انهن ملڪن جي بجلي نه چوري ٿئي ٿي نه وري بجلي کاتي جا ڪامورا ڪرپشن ڪنٿا نه وري چوري لائينون ڏين ٿا ڇو ته هتان جيترا حڪمران ادارن جي خيرخواه آهن انهن کان وڌيڪ عوام کي ادارن ۽ ملڪن سان همدردي هجي ٿي پر هتي ته اسان کي هڪ بلب ۽ پکو هلائڻ لاءِ به بجلي فراهم نه پئي ٿئي حڪمران ڪامورا عوام سڀ ملڪي ادارن کي لُٽڻ ۽ تباه ڪرڻ ۾ پورا آهن.
ڏينهون ڏينهن بهتري بجاءِ ملڪ اندر بجلي بُحران وڌي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ سيپڪو کاتو به بدحالي جي ور چڙھيل آهي تعلقي سطح تائين گرڊ اسٽيشنون اربين رپين جون ڊفالٽر آهن پر سيپڪو کاتو جا ڪامورا ڪروڙين رپين جي جائيدادن جا مالڪ آھن اهوئي ته وڏو مسئلو آهي ته آخر ادارن کي اهڙن ناسور لڳل ڪرپٽ ڪامورن کان ڪيئن بچائبو، جڏھن ته کان پوري ملڪ اندر جديد سولر سسٽم لاڳو ٿيڻ بعد سيپڪو کاتي ۾ بجلي بُحران گهٽجڻ باوجود وڌندو پيو وڃي بجلي جي بُحران کان بيزار ٿيل خلق وڏي پئماني تي گهرن توڙي ڪاروبار کي سولر سسٽم تي ڪري ڇڏيو آهي باوجود بجلي جي اکٻوٽ آخر ڇو آهي ۽ جيڪا بجلي 24 ڪلاڪن ۾ ٻه ڪلاڪ به نه پئي هلي ته ڇا انجي رڪوري نه ٿيندي هوندي ۽ جيڪا بجلي ھلي پئي اها صرف غير قانوني ڪنيڪشن هلائيندڙ ڪاروباري ماڻھن کي ڏني پئي وڃي ۽ اهي يونٽ ميٽر صارفين جي کاتي ۾ لڳائي سيپڪو کاتي جا آفيسر ايس ڊي او کان ويندي ايل ايس تائين جا ملازم لکين رپيا ڪمائي ۽ حڪومت کي نقصان پهچائين پيا.
هن وقت ملڪ ۾ گرمي ۾ جيئن تيزي اچي وئي آهي تيئن بجلي بلڪل غائب ٿي وئي آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته سيپڪو کاتي کي عوام جي ضرورت ۽ سولر سسٽم اچڻ کانپوءِ بجلي هلائيندڙ وڏن واهپيدارن کي بجلي جي گهڻي ضرورت ناهي. بجلي جي ضرورت هن وقت غريب ماڻھن کي آهي جنهن وٽ سولر جي هڪ بيٽري يا پليٽ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب خريد ڪرڻَ جي وصيعت ناهي. لوڊ شيڊنگ جو سڀ کان وڏو اثر غريب عوام ڀوڳي پيو هن وقت جيئن گرمي جو زور وڌڻ لڳو آھي تيئن سيپڪو کاتي ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جو آزار وڌڻ لڳو آهي چوويھه ڪلاڪن مان شهرن ۾ چار ڪلاڪ ۽ ٻھراڙين ۾ صرف ٻه ڪلاڪ بجلي وقفي وقفي سان جهٽڪا ڏئي هلي رهي آھي جيڪا نامناسب لوڊ شيڊنگ شيڊيول ۾ شامل آهي ۽ لوڊشيڊنگ جو سبب صرف ڪرپشن ۽ بغير ميٽر جي غير قانوني ڪنيڪشن آهن جنهن وسيلي ڊويزن سطح کان ويندي يوسي سطح جا ڪامورا سيپڪو کاتي ۾ هرمهيني لکين رپيا غيرقانوني ڪنيڪشن تان اوڳاڙين وسيلي ڪرپشن ڪن ٿا جنهن ۾ انجنيئر، ايڪسيئين، سب انجنيئر، ايس ڊي اوز، ايل ايس، ريڊر سميت تمام سيپڪو کاتي جا ڪامورا ڪرپشن ڪن ٿا.
هاڻي سيپڪو کاتي ۾ ٿيندڙ غريب سان هن ظلم جي داد رسي ٿيڻَ ضروري آهي ڇو ته ڪرپٽ ڪامورن پاران پنهنجي ڪمائي خاطر سنڌ اندر لکين غير قانوني ڪنيڪشن ڏنل آهن جنهن مان هو هرمهيني رشوت وٺن ٿا ۽ ڊڊيڪشن بل گهريلو ميٽر صارفين جي کاتي ۾ ھڻي ريڪوري لاءِ تنگ ڪن ٿا بلن جي ادائگي نه ڪرڻَ سبب هزارين غريب صارفين کي ڪرپٽ ڪامورن ڊڊيڪشن بلن وسيلي لکين رپين جو قرضائي ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ظلم جو هاڻي انت اچڻ گهرجي هن وقت شديد گرمي جي لهر سبب هيٽ ويو جي خطري باوجود سنڌ ۾ سيپڪو کاتي پاران لوڊ شيڊنگ ۾ ڪابه تبديلي يا گهٽ وڌاءُ نه ڪيو ويو آهي بجلي کاتي واري وزير وزيراعظم .وزير اعلي سنڌ سيپڪو چيف سنڌ نيب کي گذارش ٿي ڪجي ته سيپڪو کاتو وڏن ڊفالٽر ادارن ۾َ شامل آهي ۽ انجي خراب ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن ۽ سنڌ جي عوام کي بجلي بُحران جي عذاب مان ڪڍيو وڃي