وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي عوامي دور حڪومت ۾ ملڪ مان جاگيرداري جو خاتمو ڪري زرعي سڌارن ۽ سرداري نظام جي خاتمي جا قانون منظور ڪري ملڪ کي جنهن خوشحالي جي رستي تي هلائڻ لاءِ قدم کنيا ويا هئا . ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ حقن کي محفوظ بنائڻ لاءِ زرعي سڌارا ڪرڻ وارو جيڪو انقلابي فيصلو ڪري قدم کنيا ويا هئا ۽ ملڪ مان جاگيرداري جي نظام جو خاتمو ڪري بي زمين هارين ۽ زرعي شعبي جي ماڻهن کي زرعي زمينون ورهائڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ويو هو. اهڙو ئي زرعي سڌارن ۽ قومي اثاثن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ وارو سلسلو انگريزن کان آزادي بعد هندستان ۾ پڻ فوري طور تي رائج ڪيو ويو هو . هندستان ۾ ڪڏهن به مارشل لاءِ يا ڪا آمريت نه رهي اهي پر اتي عام چونڊن ذريعي لڳاتار عوامي ۽ جمهوري حڪومتون قائم ٿي رهيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ بدحال ۽ سوا ارب آبادي وارو اهو غربت جو شڪار ملڪ هن وقت دنيا جي پجين وڏي معشيت ۽ دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شمار آهي پر اسان جي ملڪ ۾ لڳاتار آمرن هٿان عوامي حڪومتن جو خاتمو ڪرڻ ۽ زرعي سڌارن ۽ عوام جي دولت ۽ خزانن تي ٿورڙن خاندانن جو قبضو هئڻ ڪري ملڪ هر شعبي ۾ وڏين تباهين جو شڪار ٿي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ دنيا جهان جو قرضي ۽ بيشمار بحرانن ۽ گهوٽالن جو شڪار ٿيڻ ڪري پنهنجي بقاء ۽ سلامتي ۽ ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جي جياپي واري خوفناڪ صورتحال جي ٻه واٽي تي وڃي بيٺو آهي.
اسانجو ملڪ پاڪستان، دنيا جي 20 بهترين زرعي ملڪن ۽ قدرتي دولت ۽ معدنيات جي خزانن سان مالامال وطن، هن وقت پنهنجي دور جي سخت معاشي ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ملڪ جي حڪومتن عالمي مالياتي ادارن آڏو وڃي پنهنجا گوڏا کوڙيا آهن ۽ قومي اثاثا ۽ قومن جي خودمختياري کي پڻ گروي رکڻ وارو جيڪو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي اهو آخرڪار ملڪ کي هڪ وڏي معاشي تباهي ۽ عالمي مالياتي ادارن ۽ عالمي طاقتن جي غلامي جو شڪار ڪرڻ وڃي رهيو آهي. وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ ٿيل زرعي سڌارن جي حوالي سان ڪجهه تاريخي واقعا اسان جي سامهون آهن. زرعي سڌارن وارو معاملو تنهن وقت جي عوامي حڪومت جي وفاقي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين شيخ محمد رشيد باباءِ سوشلزم جي سرواڻي ۾ ٿيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي هن اڳواڻ سان لاهور ۾ سندس رهائش گاهه تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ 9 سال ڊگهي قيد و بند گهاري ازاد ٿيندڙ هن ليڊر جي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شروع ڪيل عوامي رابطا مهم دوران لاهور جي دوري ۾ هڪ ترقي پسند صحافي جي حيثيت ۾ گڏ هجڻ سان جيڪا معلومات ملي اها هڪ ڀيرو اڳ پڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي وفات جي ٽئين ڏينهن اخبارن ۾ شايع ڪئي ويئي هئي . شيخ محمد رشيد مطابق ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڪيل زرعي سڌارن تحت جاگيرون ختم ڪري هرهڪ خاندان جي استعمال لاءِ ڏيڍ سئو ايڪڙ زرعي يا آبپاشي جي واهن ۽ پاڻي تي آباد ٿيندڙ ايراضي مقرر ڪئي وئي جڏهن ته باراني يا برساتن تي آباد ٿيندڙ ايراضي جي حد 250 ايڪڙ في خاندان مقرر ڪئي ويئي هئي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي بعد جنرل ضياء جي آمراڻي دور ۾ انهن زرعي سڌارن تي عملدرآمد کي روڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ زرعي سڌارن کي خلاف وفاقي شريعت ڪورٽ ۾ ڪيس اٿاريو ويو ۽ اڳتي هلي وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان زرعي سڌارن کي غير شرعي ۽ خلاف اسلام قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ زرعي سڌارن بابت هلندڙ ڪم عملي طور تي رڪجي ويو ۽ ملڪ ۾ وري جاگيرداري نظام کي بحال ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان زرعي سڌارن خلاف ڏنل فيصلي خلاف ملڪ جي ترقي پسند ڌرين طرفان بئريسٽر عابد حسين منٽو طرفان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ آنيني درخواست داخل آهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين ٻڌڻي جي انتظار ۾ آهي. ليکڪ طرفان ڪجهه سال اڳ پنهنجي لاهور جي هڪ ٻئي دوري دوران پنهنجي هڪ دوست ليبر ليڊر منظور احمد رضي سان گڏ عابد حسين منٽو سان پنجاب اسيمبلي جي ويجهو سندس آفيس ۾ گڏجاني ٿي. جنهن ۾ ساڻس زرعي سڌارن جي هلندڙ ڪيس بابت معلومات حاصل ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته، وفاقي شريعت ڪورٽ جي فيصلي خلاف هن وقت به ڪيس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ موجود آهي. منٽو صاحب ٻڌايو ته، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي عدالت ۾ انهي درخواست جي ٻڌڻي دوران هن چيف جسٽس کان ڪيترائي ڀيرا اپيل ڪئي ته هڪ عوامي فلاح جو معاملو ۽ آئين موجب اپيل اوهان جي عدالت ۾ فيصلي لاءِ موجود آهي ان تي جلد فيصلو جاري ڪيو وڃي . عابد حسين منٽو جي چوڻ موجب تنهن وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو چوڻ هو ته منٽو صاحب اوهان جنهن هارين ۽ عوام جي ڪيس جي پيروي ڪري رهيا آهيو انهن جي هن ڪيس ۾ ڪيتري دلچسپي آهي ۽ ڪيترا هزار ماڻهو عدالت ٻاهران موجود آهن ؟ . منٽو صاحب جي چوڻ موجب کيس ان ريت اهو پيغام ڏنو ويو ته، جنهن ڪيس سان واسطيدار ڌرين جي جيتري دلچسپي هوندي ان بابت اهڙو ئي فيصلو ايندو. انهيءَ سموري بحث ۽ گفتگو جو حاصل اهو ٿيو ته ملڪ جو آئين، قانون، عوام جا مفاد ۽ انساني حقن جامعاملا جيڪي آئين ۾ جيئن به ليکيل هجن پر فيصلا ان موجب ٿين اهو لازمي ناهي. وقت، حالتون ۽ ٻاهريون دٻاءُ فيصلن ۾ اهم فريق ۽ هٿيار هوندو آهي.
انجمن ترقي پسند مصنفين (پروگريسو رائيٽرس ايسوسئيشن) ڪراچي جي ٿيل تازو اجلاس صدر سيد ڪرم علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪراچي جي علمي ادبي شخصيتن صحافين، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ملڪ ۾ عوامي فلاح جي ڪمن کي روڪڻ ۽ خاص طور تي زرعي سڌارن کي وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان ڏنل پنهنجي ڄاڻايل فيصلي ۾ خلاف شريعت ۽ خلاف اسلام قرار ڏيڻ تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ويو.
ملڪ ۾ جاگيردارن طرفان وسيلن تي قابض ٿيڻ بعد سموري ملڪ ۾ سماجي ڏوهه تمام گهڻو وڌي ويا آهن ۽ زرعي شعبو پڻ تمام گهڻي نقصان جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن ڪري ملڪ پنهنجي خوراڪ ۽ زراعت ۾ پڻ پاڻڀرو نه رهيو آهي، حالت اها آهي ته ڪڻڪ ۽ خوراڪ ۾ خودڪفيل ملڪ هن وقت پنهنجي کاڌي خوراڪ جي فصلن ۽ پيداوار ۾ پڻ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ زرعي پيداوار ڪڻڪ، چانور، ڀاڄيون، بصر، پٽاٽا، ٽماٽا پڻ مهانگن اگهن ۾ ٻاهرين دنيا کان خريد ڪري رهيو آهي جنهن سان ملڪ جو پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ڪرڻ کان علاوه پنهنجي ملڪ ۾ پڻ مهنگائي پيداوار گهرائڻ ڪري مهانگائي جو هڪ طوفان گهرائي وڪرو ملڪ سخت معاشي گهوٽالن جو شڪار ٿي ويو آهي. انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان پنهنجي اجلاس ۾ منظور ڪيل قرادادن ۾ اها پڻ گهر ڪئي وئي ته، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڪيل زرعي سڌارا ملڪ جي آئين جي مظابق ۽ انساني بهتري ۽ ملڪ جي مفاد ۾ آهن انهن کي فوري طور تي بحال ڪيووڃي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب جسٽس فائز عيسي قاضي کي اها اپيل ڪئي وئي آهي ته عوام جي مفاد واري هن اهم ڪيس جي زير التوا آئيني درخواست کي منطور ڪري ملڪ ۾ ٿيل زرعي سڌارن جي مقدمي کي منظور ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي زرعي زمينن جو مالڪ هارين ۽ عام عوام کي قرار ڏيڻ جي حق ۾ تاريخي فيصلو ڏنو وڃي ۽ ملڪ کي جاگيرداري واري ڪينسر ۽ معاشي گهوٽالن کان نجات ڏياري وڃي.
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي بعد جنرل ضياء جي آمراڻي دور ۾ انهن زرعي سڌارن تي عملدرآمد کي روڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ زرعي سڌارن کي خلاف وفاقي شريعت ڪورٽ ۾ ڪيس اٿاريو ويو ۽ اڳتي هلي وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان زرعي سڌارن کي غير شرعي ۽ خلاف اسلام قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ زرعي سڌارن بابت هلندڙ ڪم عملي طور تي رڪجي ويو ۽ ملڪ ۾ وري جاگيرداري نظام کي بحال ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان زرعي سڌارن خلاف ڏنل فيصلي خلاف ملڪ جي ترقي پسند ڌرين طرفان بئريسٽر عابد حسين منٽو طرفان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ آنيني درخواست داخل آهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين ٻڌڻي جي انتظار ۾ آهي