ڪڻڪ جو هٿرادو بحران، آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ

تحرير: وفاگولو

گذريل سال جنهن منظم منصوبي تحت واڌو ڪڻڪ درآمد ٿي هئي جنهن سان 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو هو ان وقت پاسڪو ۽ صوبائي کاتا گهربل هدف 7.80 بدران 5.87 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيا هئاجيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 30 ملين ٽن ڪڻڪ استعمال ٿئي ٿي، مقصد ته کاڌي وڃي ٿي،

ان جاءِ تي 2023 ۾ صرف 26.2 ملين ٽن گهرو پيداوار ٿي ۽ باقي رياست کي ٻين ملڪن کان گهرائڻي هئي، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڪڻڪ آمريڪا کان ورتي ويندي آهي، پر هيل ته يوڪرين مان سستي ڪڻڪ گهرائي رکي وئي هئي، ان ڪري ته ڪاڪڙ جي دور ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ سستي هئي ۽ هنن کي وارو لڳي ويو.

پر ان کانپوءِ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ آهستي آهستي اضافو ٿيندو رهيو، پر اگھه وري مستقل ئي رهيو ۽ اگھه هڪ هنڌ بيهجي ويا پر وڌندا نه ۽ نه ئي پوئتي موٽ کاڌن، نتيجي ۾ شهرن ۾ ماڻهن جون ڊگهيون قطارون ڪڻڪ (اٽي) خريد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويون.جنهن سبب هٿرادو طور ملڪ اندر ڪڻڪ جو بحران ڪيو ويو.ان دور جي بحران بابت هاڻوڪي حڪومت تحرڪ ۾ اچي وئي آهي.ان بابت چاچ شروع ٿي آهي.

انهيءَ وچ ۾ حڪومت پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج ۽ سروسز ڪارپوريشن(پاسڪو) کي 4 لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي خريداري جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو.وزير اعظم جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي طلب، پهچ ۽ وفاقي حڪومت جي خريداري واري پروگرام جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس پڻ ٿيو هو جنهن ۾ وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير غذائي تحفظ ۽ تحقيق رانا تنوير حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي.

ان اجلاس ۾ وزيراعظم پڇاڻو ڪيو هو ته ڪڻڪ خريداري جي عمل لاءِ موبائل ايپليڪيشن تيار ڇو نه ڪرائي وئي آهي؟ وزيراعظم ڪڻڪ خريداري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان هدايت تي عمل نه ڪندڙ ۽ ان حوالي سان غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ جنرل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

وزيراعظم سخت تاڪيد ڪئي هئي ته ڪڻڪ جي خريداري جو عمل صاف ۽ شفاف بنائڻ جي حوالي سان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ موبائل فون ايپليڪيشن جلد کان جلد تيار ڪئي وڃي. هن پاسڪو جي اسٽاف کي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي هئي.

هن وڌيڪ هدايت ڪئي هئي ته هارين جي معاشي تحفظ لاءِ قسمن جي انشورنس کي يقيني بنايو وڃي. هوڏانهن وزيراعظم پاسڪو کي چار لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي شفاف ۽ موثر طريقي سان خريداري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي هئي هن چيو هو ته هارين جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

13 لک ٽن امپورٽ ٿيل ڪڻڪ مان ڪيڙا نڪرڻ وارو معاملو به اڃا تائين انجام تائين نه پهچي سگهيو آهي.ڪڻڪ جي سرڪاري اگهه کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ ڪڻڪ جو هڪ ٻوري 6 هزار رپين جي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي.

پهريان حڪومت ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه ته 4 هزار مقرر ڪيو هو، پر بعد ۾ چيو ويو ته اهو غريب هارين لاءِ ناهي. سرڪاري خريداري جا سينٽر رڳو مخصوص بارداني واري ٻورين/ڪٽن ۾ آيل ڪڻڪ خريد ڪري رهيا هئا. اهو باردانو حد جي وزير، ايم پي اي يا ايم اين جي سفارش سان رڳو مخصوص واپارين يا زميندارن کي ئي ملي رهيو هو جن تي سرڪاري خريداري مرڪزن ۽ فوڊ کاتي کي مقرر ڪميشن ۽ ڪنتو مليو پئي. يا وري اهو باردانو حد جو ايم پي اي پنھنجي خاص ماڻھن کي پوءِ ڀلي ان کي زمين هجي يا نه هجي ڏياريو پئي. اهو خاص دادلو ماڻھو وري مخصوص رقم وٺي اهو باردانو واپارين کي کپائي رهيو هو.

ڪراچيءَ ۾ مقرر فوڊ ڊيپارٽمينٽ جي عملدارن هر علائقي جي مخصوص ماڻهن کي بارداڻو مهيا پئي ڪيو.عام واپاري ڪڻڪ سرڪاري اگهه 4 هزار بجاءِ 32 سئو کان 35 سئو في مڻ خريد ڪري رهيا هئا. هاري ويچارا مجبور هئا، ڇو ته هنن کي ڀاڻ، ٽريڪٽر، ٿريشر ۽ مزدورن کي رقم ڏيڻي هئي، گهر جو سامان خريد ڪرڻو هو، دڪاندارن جو سيڌي سامان جو قرض لاهڻو هو

افسوس جو صوبي ۾ عوامي حڪومت جي نالي ۾ سسٽم جي حڪومت هلي رهي آهي. نه ته ضلعي جو ڊي سي يا ميجسٽريٽ ذميوار آهي ۽ نه ئي وري جج ڪو پاڻمرادو نوٽيس پيا ورتو. آبادگارن ۽ سول سوسائٽيءَ جون تنظيمون، صحافين جي گهڻائي ۽ سياسي تنظيمون خاموش هيون ۽ پنھنجو پاڻ بچائڻ ۾ پوريون آهن.ڪجهه ئي وقت کانپوءِ ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو هو ۽ پوءِ واپاري ۽ جاگيردار ساڳيو ڪڻڪ جو انُ ٻيڻي اگهه تي وڪرو ڪندا رهيا.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فصل تيار آهي، صوبائي حڪومتن طرفان في مڻ اگهه به مقرر ڪيو ويو آهي پر پنجاب ۽ بلوچستان حڪومت هارين کان خريداري شروع ناهي ڪئي.صوبائي حڪومت طرفان ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ سبب سرڪاري ريٽ کان به گهٽ قيمت تي ڪڻڪ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي، جنهن سان هاري پريشان آهن.

 

ڪڻڪ جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو هو ۽ پوءِ واپاري ۽ جاگيردار ساڳيو ڪڻڪ جو انُ ٻيڻي اگهه تي وڪرو ڪندا رهيا.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فصل تيار آهي، صوبائي حڪومتن طرفان في مڻ اگهه به مقرر ڪيو ويو آهي پر پنجاب ۽ بلوچستان حڪومت هارين کان خريداري شروع ناهي ڪئي.صوبائي حڪومت طرفان ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ سبب سرڪاري ريٽ کان به گهٽ قيمت تي ڪڻڪ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي، جنهن سان هاري پريشان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.