بابر اعظم رڳو پنهنجي نه سموري ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي: يونس خان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته قومي ٽيم وٽ ڪاميابي جو هر جز موجود آهي، گرين شرٽس وٽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل تائين پهچڻ جو پورو موقعو آهي.
پنهنجي بيان يونس خان چيو آهي ته پاڪستان ٽيم جو ڪامبينيشن ٺيڪ لڳي رهي آهي، انگلينڊ خلاف ايندڙ ميچن ۾ وڌيڪ واضح ٿي ويندو، جن کي اڃا تائين موقعو ناهي مليو انهن کي به آزمايو وڃي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ميچ سدائين ففٽي، ففٽي کان شروع ٿيندي آهي، جنهن ۾ قابليت ۽ دٻاءُ ۾ مقابلي جي صلاحيت هوندي اِهو ڪامياب ٿيندو.
يونس خان چيو ته اسان سدائين اِهو چيو آهي ته پاڪ-ڀارت سيريز ٿيڻ گهرجي، بار بار کيڏنداسين ته وڏن ايونٽن ۾ دٻاءُ واري ماحول مان به ڇوٽڪارو ملندو.
هن چيو ته ڀارت، پاڪستان وچ ميچون ٻنهي ٽيمن کي پليئرز ڏينديون آهن، جيڪو ان سيريز ۾ پرفارم ڪندو آهي اِهو هيرو بڻجي ويندو آهي، ٻنهي ملڪن جي حڪومت ۽ بورڊ کي ڪرڪيٽ جي بحالي بابت سوچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم فرنٽ کان ليڊ ڪري، ليڊر کي رڳو پنهنجي نه، سڀني جي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته تيز کيڏڻ رڳو هڪ پليئر جي ذميواري ناهي، نوجوانن ۽ سينيئر سڀني تي ذميواري آهي هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاور پلي جي گهرجن پٽاندڙ ۽ وچ وارا اوور به حساب ڪتاب سان کيڏڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.