مٿي موجود پَر کي ڏسو ۽ اندازو لڳايو ته ان جي قيمت ڪيتري ٿي سگهي ٿي؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر هڪ قديم پکي جو اهو پر 28 هزار 365 ڊالرز (79 لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ نيلام ٿيو آهي.
نيوزيلينڊ جي هويا نالي پکي جي ان پر دنيا جي سڀ کان مهانگي پر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو آهي.
اهو پکي گهڻو عرصو اڳ اڻلڀ ٿي چڪو آهي ۽ جڏهن اهو پر نيلامي لاءِ پيش ڪيو ويو ته خيال هو 2 کان 3 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿيندو.
پر نيلامي دوران ان 2010 ۾ قائم ٿيندڙ 8400 ڊالرن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، اهو رڪارڊ به هويا پکي جي هڪ پر جو ئي هو.
هاڻ جيڪو پر نيلام ڪيو ويو آهي ان جو وزن 9 گرام آهي ۽ ائين اهو سون کان به وڌيڪ قيمتي بڻجي ويو آهي.
هڪ گرام سون جي قيمت 125 ڊالر آهي، جڏهن ته پر جي هڪ گرام جي قيمت 5169 ڊالر ٿئي ٿي.
wing bird newzealand