”ڪي اليڪٽرڪ وارن جي آفيس ۾ گهڙي انهن جي بجلي بند ڪري ڇڏيو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سخت گرمي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جي معاملي سنڌ اسيمبلي ۾ به ماحول گرمائي ڇڏيو، صوبائي وزير ۽ اپوزيشن ميمبر ڪي اليڪٽرڪ سميت حيسڪو تي ڪاوڙجي پيا.
سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن جي آفيس ۾ گهڙي انهن جي بجلي بند ڪيو ته جيئن انهن کي احساس ٿئي، انهن تي ڪو تشدد يا گارگند نه ڪيو وڃي، رڳو بتي بند ڪيو.
هن چيو ته رڳو بجلي چور بدران سڀني جي بجلي بند ڪرڻ ظالماڻو طريقي ڪار آهي، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ اجتماعي سزا جو نظام لاڳو ڪيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاور ڪمپنيون من پسند بل موڪلڻ جي غنڊاگردي نه ڪن، بل نه ڀريندڙن جي سزا بل ڏيندڙن کي نٿي ڏئي سگهجي.
پ پ ميمبر هير سوهو طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو گڏيل طور منظور ڪيو ويو.

saeedghani ppp sharjeelmemon

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.