گرائونڊ ۽ پچن جي تياري لاءِ ڪوششون تيز، ٽوني هيمنگز چيف ڪيوريٽر جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ٽوني هيمنگز چيف ڪيوريٽر جو عهدو سنڀالڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
ذريعن موجب، چيف ڪيوريٽر جي ڳولا لاءِ پي سي بي طرفان اشتهار جاري ڪيو ويو ۽ 16 مئي تائين درخواستون طلب ڪيون ويون هيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ چيف ڪيوريٽر جو اعلان ٿيندو ۽ آسٽريليا سان واسطو رکندڙ ٽوني هيمنگز سان ڳالهيون جاري آهن.
ٽوني آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو ڪيوريٽر رهي چڪو آهي، ان کانسواءِ هو پرٿ اسٽيڊيم ۾ به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته وٽس سعودي عرب ۾ فٽبال گرائونڊ تيار ڪرڻ جو به تجربو آهي.
ذريعن موجب، چيمپيئنزٽرافي کان اڳ ٽن وينيوز جي گرائونڊز ۽ پچز جي تياري پرڏيهي ڪيوريٽر جي ذميواري هوندي ۽ ٽو ني هيمنگز آغا زاهد جي جاءِ والارڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
ذريعن جوچوڻ آهي ته پرڏيهي ڪيوريٽر پاڪستاني ڪيوريٽر ۽ گرائونڊ اسٽاف کي به جديد گهرجن پٽاندڙ تربيت ڏيندو.

PCB TonyHemming CricketCurator

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.