آسٽريلوي بورڊ پاران پاڪستاني فين زون جي ٽڪيٽن جي وڪرو جو اعلان

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستاني فين زون جي ٽڪيٽن جي وڪرو چار جون کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان هلندڙ سال پاڪ-آسٽريليا وائيٽ بال ڪرڪيٽ ميچن ۽ ڀارت، آسٽريليا بارڊر گواسڪر ٽرافيءَ لاءِ فين زونز جي ٽڪيٽن جي وڪرو جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا فين زون ٽڪيٽن جو وڪرو چار جون کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارتي فين زون جي ٽڪيٽ جي قيمت 30 کان 70 ڊالرز تائين مقرر ڪئي ويندي .
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، 3 کان 14 جون تائين ٽڪيٽن وڪرو جي پهرئين مرحلي ۾ رعايت ڌني ويندي، ڊسڪائونٽ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ڪرڪيٽ شوقينن کي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ مداح بنا رجسٽريشن جي پنهنجي ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي سگهندا.
ياد رهي ته پاڪستان کي 6 وائيٽ بال ميچن ۽ ڀارت کي بارڊر گواسڪر ٽرافي کيڏڻ لاءِ هلندڙ سال آسٽريليا جو دورو ڪرڻو آهي.

PCB PakistanCricketTeam Australia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.