ايمانداري سان ٽيڪس گڏ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوندي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ايمانداري سان ٽيڪس گڏ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوندي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ٽيڪس چوري کي ماڻهو بي ايماني ئي ناهن سمجهندا ۽ ڪرپشن کي ماڻهن برو سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي.
هن چيو ته مان اسيمبلي ۾ ٽيڪس چوري جو مسئلو اٿاريو هو، ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن وقت 9 ارب رپين تائين ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ٽيڪس درست طريقي سان گڏ ڪيو وڃي ته اهو 9 مان وڌي 36 ارب رپين تائين به ٿي سگهي ٿو، ايمانداري سان ٽيڪس گڏ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.