پاڪستان جي جبل چاڙهو سرباز علي خان بنا آڪسيجن جي دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايوريسٽ سر ڪري ورتي.
سرباز علي بنا مصنوعي آڪسيجن جي مائونٽ ايوريسٽ سر ڪندڙ ٻيو پاڪستاني آهي، ان کان اڳ ساجد سدپارا اِهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪو آهي.
سرباز علي اٺ هزار کان بلند 14 مان 11 چوٽيون بنا آڪسيجن سپورٽ جي سر ڪري چڪو آهي.
سرباز علي بنا آڪسيجن جي يارنهن چوٽيون سر ڪندڙ پهريون ۽ اڪيلو پاڪستاني آهي.
پاڪستاني جبل چاڙهو مجموعي طور تي اٺ هزار کان بلند 13 چوٽيون سر ڪيون آهن.
SirbazKhan MountEverest Pakistansmountaineer