پاڪستان جي مشهور اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي پنهنجي ماءُ افشان قريشي جي وائرل بيان تي ردعمل ڏنو آهي.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي افشان قريشي جي پٽ بابت هڪ بيان سامهون آيو هو، جنهن حوالي سان ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن بيان ۾ ترميم ڪئي وئي ۽ ۽ بيان ايڊٽ شده آهي.
ان حوالي سان افشان قريشي به انسٽاگرام جي مشهور شوبز پيج ديوا ميگزين تي ڪمينٽ ڪندي چيو ته اوهان ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ نه پاسو ڪيو.
سينئر اداڪارا افشان قريشي لکيو ته ويوز ۽ ڪمينٽس لاءِ ڪنهن به فيملي جي عزتن سان کيڏڻ بعد ڪيو.
اهڙي ردعمل جو اسڪرين شارٽ فيصل قريشي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيو.
فيصل قريشي طنز ڪندي لکيو ته ”منهنجي امان ته سڄو مصالو ئي ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي اوهان ڇا ڪندا“
ياد رهي ته وائرل وڊيو ۾ افشان قريشي کي اهو چوندي ٻڌو ويو هو ته فيصل سٺو اداڪار ته بڻجي ويو آهي پر سٺو انسان ناهي بڻجي سگهيو.
Actress AfshaQuraishi FaisalQuraishi