ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون 1900 رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 48 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ 1630 رپين جي لاٿ ٿي آهي جنهن کانپوءِ سون 2 لک 13 هزار 48 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 21 ڊالرز گهٽجڻ بعد 2398 ڊالرز ٿي وئي آهي.
Gold Rate Pakistan