آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ )آسٽريليا آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع لاءِ حتمي اسڪواد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ورلڊ ڪپ لاءِ آسٽريليا طرفان پندرنهن رُڪني ابتدائي اسڪواڊ کي برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ 2 ٽريلونگ ريزروز جو اضافو ڪيو ويو آهي.
ٽريولنگ ريزروز ۾ ميٿيو شارٽ ۽ جَيڪ فريزر مگرڪ شامل آهن جڏهن ته مچل مارش ٽيم جي قيادت ڪندو.
آسٽريليا جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ مچل مارش ڪپتان، آشٽن آگر، پيٽ ڪمنز، ٽِم ڊيوڊ، نيٿن ايلس، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس شامل آهن.
ان کانسواءِ گلين ميڪسويل، مچل اسٽارڪ، مارڪوس اسٽوئنس، ميٿيو ويڊ، ڊيوڊ وارنر، ايڊم زمپا ۽ ڪئمرون گرين به اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ميزباني هيٺ شيڊيول آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا ٻه جون کان شروع ٿيندا.

T20Worldcup Australia Cricketaustralia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.