ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ آسٽريلوي ٽيم کي وڏو جهٽڪو

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) عالمي ڪپ کان اڳ ڪينگروز کي وڏو جهڪٽو، ٽاپ آسٽريلوي ڪرڪيٽر انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) سبب ميگا ايونٽ جي وارم اَپ ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندا.
آسٽريلوي ڪرڪيٽر آءِ پي ايل جي پلي آف ۾ حصو وٺندا، جڏهن ته ٽيم جي ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ به ٽاپ ورلڊ ڪپ جي وارم اَپ ميچن ۾ ڪرڪيٽرن جي غير موجودگيءَ جي تصديق ڪئي آهي.
ان کانسواءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان مختلف مرحلن ۾ آسٽريلوي اسڪواڊ جي ويسٽ انڊيز پهچڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، ٽريوس هيڊ، گلين ميڪسويل ۽ ڪئمرون گرين وارپ اَپ ميچون نه کيڏي سگهندا، ٽاپ ڪرڪيٽر ڇهه جون تي عمان خلاف پهرين ميچ کان اڳ اسڪواڊ کي جوائن ڪندا.
آءِ پي ايل جو پلي آف مرحلو 26 مئي تي پڄاڻي تي پهچندو، آسٽريليا جون ٻه وارم اَپ ميچون نميبيا ۽ ويسٽ انڊيز خلاف 29 ۽ 31 مئي تي شيڊيولڊ آهن.
ان ڏس ۾ آسٽريلوي ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ جو چوڻ آهي ته هو سڀ باربيڊوس ۾ گڏبا ۽ ٽيم طور ڀرپور تيار هوندا، مچل مارش وارم اَپ ميچن ۾ بالنگ نه ڪندو، ڪپتان هن وقت همسٽرنگ انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهي.

T20Worldcup Australia Cricketaustralia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.