ايجنسين جي ڪم تي اعتراض ناهي، اعتراض عدالت کان مٿانهين ڪارروائي تي آهي: جسٽس ڪياني

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ايجنسين جي ڪم تي ڪو اعتراض ناهي، اعتراض قانون کان مٿانهين ايڪشن تي آهي.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل لاپتا ماڻهن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني سوال ڪيو ته ڏهن ورهين دوران ڪيترا ماڻهو گرفتار ٿيا ۽ ڪيترن کي گم يا هراسان ڪيو ويو؟
اٽارني جنرل جواب ڏيندي ٻڌايو ته انٽيليجنس ايجنسيون ڪنهن به ماڻهو کي هراسان نٿيون ڪري سگهن، معاملي ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن تي چيف جسٽس جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي ڳُجهي ايجنسي کي هاڻي ٿاڻي ۾ سڏائينداسين.
جسٽس محسن اختر چيو ته عدالت جج، وڪيل، صحافي ۽ پارليمنٽيرين ۽ ايجنسين کي قانون پٽاندڙ ڪم کان روڪڻ جي ڳالهه نٿي ڪري پر قانون جي خلاف ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي ڳالهه ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته الزام آهي ته ڪيترائي ماڻهو ايجنسين جي تحويل ۾ آهن، اِهي کائيندا پئيندا به هوندا، جنهن جي خرچ جو بار به سرڪاري خزاني تي پوندو هوندو؟ ايجنسين جي فنڊن جي ڪا سالياني آڊٽ ٿيندي آهي؟ اسان پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ايف آءِ اي کي اثرائتو بڻايو آهي، ٽن ادارن جن کي پڇاڳاڇا ڪرڻي هوندي آهي، باقي ايجنسيون سندن مدد ڪري سگهن ٿيون، ايجنسين جي ڪم تي ڪنهن کي اعتراض ڪونهي، اعتراض قانون کان مٿانهين ڪارروائي تي آهي.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سياسي طور ان مسئلي جي حل تائين هي مسئلو حل نه ٿيندو، جنهن تي جسٽس محسن اختر سوال ڪيو ته مطلب اوهان مڃيو ٿا ته هي هڪ سياسي مسئلو آهي؟
اٽارني جنرل چيو ته رياست کي همدردي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ، اسان لاپتا ماڻهن جي ڪيسن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، جيڪو رهجي ويو اِهو به ڪنداسين بس ٿورو وقت ڏنو وڃي.
عدالت چيو ته ان معاملي تي اٽارني جنرل جي ڪاوشن کي ساراهڻو پوندو، سندس ڪوششن سبب ڪيئي گم ٿيل ماڻهو بازياب ٿي پنهنجي گهر پهچي چڪا آهن.
جسٽس محسن اختر وڌيڪ چيو ته ڪو ڪنهن جي طرفان پريس ڪانفرنس ڪري ٿو ته ڀلي ڪري ان سان فرق نٿو پوي، عدالتون انهن سمورين شين کان مٿانهيون آهن.
عدالت گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.