ساک کي نقصان پهچائڻ وارو تڪراري بل پنجاب اسيمبليءَ ۾ پيش،احتجاج

لاهور(بيورو) صحافتي تنظيمن ۽ اپوزيشن جي احتجاج باوجود پنجاب حڪومت هتڪ عزت بل 2024 پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو. بل  پيش ٿيڻ تي صحافين پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان بل پنجاب اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو، جنهن تي صحافي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. پنجاب حڪومت صحافتي تنظيمن جي بل ۾ دير ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. صحافين جي تنظيمن پنجاب جي اطلاعات واري وزير سان ملاقات ڪري بل کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن کي حڪومت رد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن سني اتحاد ڪائونسل بل جي مخالفت ڪندي ان ۾ 10 کان وڌيڪ ترميمون  پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. اهو بل پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي لاڳو ٿيندو. ميڊيا تي ڪوڙي  خبر تي بدنامي جا ڪيس داخل ڪري سگهجن ٿا، بل يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام ذريعي پکڙجندڙ جعلي خبرن تي به لاڳو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.