اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تحفي ۾ مليل قيمتي قلم ”باب ڪعبه“ توشه خانا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب رابطه عالم اسلام جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسٰي ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن چيف جسٽس کي”قلم بابِ ڪعبه” تحفي ۾ ڏنو هو. بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان چيف جسٽس کي مليل تحفو سپريم ڪورٽ جي ميوزيم ۾ رکيو ويندو. چيف جسٽس فائز عيسيٰ قلم جو تحفو توشه خاني ۾ جمع ڪرايو ۽ خواهش ظاهر ڪئي ته اهو تحفو سپريم ڪورٽ ميوزيم ۾ رکيو وڃي.