لاهور (م ڊ) ڪرغزستان حڪومت جي درخواست تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سميت پاڪستاني وفد جو بشڪڪ دورو ملتوي ڪيو ويو. لاهور ۾ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير درخواست ڪئي ته اسان تي يقين رکو حالتون معمول تي آهن، تنهن ڪري نه اچو، جڏهن ته ڪرغزستان جي سفير چيو گارنٽي ڏيان ٿو ته ڪنهن پاڪستاني شاگرد جو موت ناهي ٿيو. هن چيو جيڪڏهن ضرورت پئي ته تصديق لاءِ پرڏيهي وزارت جي ڪنهن سينيئر آفيسر کي موڪلي سگهجي ٿو پر اتي نه خوفناڪ صورتحال هئي ۽ نه آهي، حالتون مانيٽر ڪنداسين، جيڪڏهن شاگرد واپس اچڻ چاهين ٿا ته ان لاءِ به تيار آهيون، 130 پاڪستاني شاگرد گذريل ڏينهن واپس اچي چڪا آهن وڌيڪ 540 واپس پهچندا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي درخواست تي اسان کي وڃڻو هو پر ڪرغز حڪومت درخواست ڪئي ته توهان سينيئر آهيو نه اچو نه ته اپوزيشن کي وارو ملي ويندو، اپوزيشن مهم هلائيندي رهندي آهي ته پرڏيهي شاگرد ڇو ايندا آهن، ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي آهي ته اسان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ٻي ڳالهه اها آهي ته اهو ڄاڻڻ کانسواءِ ته پئسن تي هلندڙ (پيڊ) بلاگرز جو ايجنڊا ڇا آهي، اهي ائين ڇو ٿا ڪن؟ اهي ڪوڙ پکيڙي رهيا آهن، ان واقعي کان پوءِ علائقي ۾ امن آهي. اسحاق ڊار چيو ته بدقسمتي آهي ته اهڙن واقعن تي به سوشل ميڊيا ذريعي نفرت پيدا ڪئي وڃي ٿي. عطا تارڙ چيو ته ان حملي جو نشانو پاڪستاني شاگرد نه هئا، اهو عربن ۽ اتي جي ٻارن جو معاملو هو جنهن سان اسان جا ٻار متاثر ٿيا، پر هڪ سياسي پارٽي طرفان مخصوص پروپيگنڊا ڪئي وئي جيڪا ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿي. والدين کي ٻڌايو ويو ته سندن نياڻين سان زيادتي ڪئي وئي، والدين کي ٻڌايو ويو ته سندن ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، اسحاق ڊار چيو ته مون پاڻ سان زيادتي جي ڳالهه ناهي ڪئي، ڪرغزستان جي آفيسرن چيو ته خبر کي غلط ٻڌايو ويو، اتي جا ماڻهو پاڻ وڃي رهيا آهن پاڪستاني ٻارن جي بدقسمتي آهي ته اسان سوشل ميڊيا ذريعي اهڙا ڪوڙ پکيڙي رهيا آهيون جنهن سان نفرت پيدا ٿئي ٿي.