ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستاني مارڪيٽ ۾ سولر پينلز جي وڌندڙ گهرج سبب جنريٽر ۽ يو پي ايس جي طلب غير معمولي شرح سان گهٽجي رهي آهي. چين جي سولر پينلز جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ڪري درآمدات ۾ غير معمولي اضافو ڏٺو آهي. نتيجي طور، سڄي ملڪ ۾ ماڻهو سستا سولر پينل خريد ڪري متبادل توانائي ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن. ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سولر پينلز جا واپاري مصروف آهن، جڏهن ته يو پي ايس ۽ جنريٽر وڪرو ڪندڙ گراهڪن جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڪجھ سال اڳ، جڏهن بيٽري جون قيمتون گهٽ هيون، يو پي ايس جي طلب تمام گهڻي هئي. هاڻي ڪراچي جي ريگل چوڪ ۽ ٻين مارڪيٽن ۾ سولر پينلز جي وڌندڙ گهرج يو پي ايس مارڪيٽ کي ويهاري ڇڏي آهي. گهرن کان علاوه ماڻهو آفيسن، تعليمي ادارن، ڪارخانن، پيٽرول پمپن ۽ ٻين ڪاروباري هنڌن تي سولر پينل لڳائي بجلي جا بل ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.