ڪراچي ( رپورٽر ) ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان گم ۽ اغوا ٿيل پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ هر آچر وانگر ڪالهه به سهڻي پارس، لياقت جلباڻي، آفاق احمد، سنڌيا سومرو، صحافي مهيش ڪمار ، درشن، ڊاڪٽر برما، ڊاڪٽر ڀاڳت ، مهيش ڏاڏواڻي ، شاعر زاهد شيخ ۽ ٻين جي ڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هڪ احتجاجي مظاهرو ڪندي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي ۾ بي ايماني، سازش ۽ سياسي چال بازين کان ڪم نه ورتو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه، آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا پوليس آفيسر پنهنجي گهرن ۾ رهندڙ ٻارڙن کي ڪيئن وات ۾ گرهه وجهن ٿا ۽ سڪون جي ننڊ ڪن ٿا، هنن چيو ته سنڌ جي انساني حقن جي ڪميشن، ۽ ٻارن جي حقن تي فنڊ وٺندڙ ٻارن جي حقن جون تنظيمون خاموش ڇو آهن.
#PriyaKumari #Sindh #Protest