ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڊفينس فيز 6 جي خيابان بخاري جي بنگلي مان 17 ورهين جي ناري پاريه جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل. واقعي جو ڪيس درخشاں پوليس پاران ناري جي وارثن جي فرياد تي جوابدار کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ تان سمورا ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن ۽ ناري جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪرايو ويو آهي, نامزد جوابدارن ۾ گهر جو مالڪ ڊاڪٽر شهروز، سندس والد عنايت ۽ ملازم غلام محمد جا نالا شامل آهن. ناري جو ڊي اين اي نمونو گڏ ڪري ڊي اين اي رپورٽ لاءِ اماڻيو ويو آهي، جنهن جو اڃا انتظار آهي. ڄاڻايل ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدار جاچ ۾ شامل آهن پر جوابدار ڊاڪٽر شهروز عدالت مان ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.
-
مريم نواز رڳو ورديون ٿي مٽائي، شايد دماغي مسئلو اٿس: اسد قيصر
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته پنجاب جي وزير اعلي’ رڳو يونيفارم تبديل ڪري رهي آهي، شايد کيس دماغي مسئلو آهي، مريم نواز پنهنجي ذاتي دشمني ۽ حسد ۾ هارين کي نقصان پهچائي رهي آهي. پنجاب جي هارين لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسد قيصر چيو ته پنجاب ۾ اڳ ئي هارين جو وڏو مسئلو آهي، پنجاب جا هاري سخت پريشان آهن.
-
ڪي پي حڪومت جو سياحن لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو
پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه حڪومت جي سياحت بابت صلاحڪار زاهد چن زيب جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت سياحن لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زاهد چن زيب چيو ته چترال جي سياحتي هنڌن کان هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪئي ويندي ۽ ان کانپوءِ ٻين سياحتي هنڌن تي به هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪئي ويندي. ڪي پي ڪي جي سياحت واري صلاحڪار چيو آهي ته نٿيا گلي ۾ ايلٽ ايڊونچر ٿيم پارڪ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، پارڪ ۾ 8 آئوٽ ڊور ۽ 40 انڊور سياحتي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان ٽوئرزم اٿارٽي جي ترجمان ڪي پي سعد چيو ته جيڪي سياح هيلي ڪاپٽر استعمال ڪندا انهن جا پنهنجا چارجز ۽ ڀاڙا مختص ڪيا ويندا، ترجمان ٽورازم اٿارٽي ڪي پي ڪي جو چوڻ آهي ته چترال ۾ ٻن هفتن جي سروس کانپوءِ گليات، مانسهره، ناران ۽ ڪاغان سميت ٻين سياحتي هنڌن تي به سروس شروع ڪئي ويندي.
-
140 شاگرد ڪرغزستان مان واپس اچي ويا، پاڪستاني سفير خلاف شڪايتون
لاهور/اسلام آباد (بيورو) بشڪڪ ۾ افسوسناڪ واقعي کانپوءِ ڪرغزستان مان وطن واپس آيل شاگرد پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. گذريل ڏينهن 140 پاڪستاني بشڪيڪ کان لاهور پهتا، جتي گهرو وزير محسن نقوي سندن آجيان ڪئي. لاهور پهچندڙ شاگردن گهرو وزير محسن نقوي کي ٻڌايو ته اسان کي ڪرغزن جي تشدد جو ڏک آهي پر اسان کي ان وقت وڌيڪ ڏک ٿيو، جڏهن ڪرغزستان ۾ پاڪستان جي سفير حسن علي ضيغم چيو ته اهي سڀ معمول جون حالتون آهن. هڪ شاگرد چيو ته حسن علي ضيغم پاڪستانين کي چيو ته هي سڀ نارمل حالتون آهن، اهو ڪوڙ هو. شاگردن شڪايت ڪئي ته حڪومت طرفان سندن واپسي لاءِ ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويو، هو پاڻ ٽڪيٽون خريد ڪري واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. شاگردن چيو ته هو هڪ ٻئي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مدد پڻ ڪري رهيا آهن. مقامي دڪاندار پرڏيهي شاگردن کي سامان نه وڪرو ڪري رهيا آهن. شاگردن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته واپسي جي صورت ۾ سندن ڊگري مڪمل نه ڪئي ويندي. سوشل ميڊيا تي تازين وڊيوز ۾ شاگرد روئي رهيا آهن ته کين خراب حالتن ۾ به هاسٽلن ۽ گهرن مان ڪڍيو پيو وڃي. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي ايوان صدر ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير سان رابطو ڪري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
-
سعودي ولي عهد جي آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار سان ملاقات
رياض ( م ڊ ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جيڪ سليوان سان ملاقات ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ معاهدن جي حتمي مسودن جو جائزو ورتو. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي سعودي عرب جي سرڪاري ميڊيا موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار جيڪ سليوان وچ ۾ سعودي عرب جي اوڀرندي شهر ظهران ۾ ملاقات ٿي. سعودي ميڊيا موجب شهزادي محمد بن سلمان ۽ جيڪ سليوان آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ معاهدن جي حتمي مسودن جو جائزو ورتو، جيڪي مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن. معاهدن کي واشنگٽن جي ڪوششن جي حصي طور ڏٺو وڃي ٿو ته جيئن رياض طرفان اسرائيلي رياست کي تسليم ڪيو وڃي، جيڪو غزا ۾ اسرائيلي حملي جي ڪري پيچيده ٿي ويو آهي. ٻنهي طرفن کان غزا تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ فوري طور تي دشمني ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيوويو، غزا ۾ بين الاقوامي انساني امداد جي داخلا تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وائيٽ هائوس موجب، سعودي عرب جي دوري کانپوءِ جيڪ سليوان اسرائيل ويندو جتي غزابابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
-
بشڪيڪ کان وطن واپس ايندڙ شاگردن جي والدين حڪومتي دعويٰ رد ڪري ڇڏي
بشڪيڪ ( م ڊ ) بشڪيڪ کان وطن واپس ايندڙ شاگردن جي والدين حڪومت پاران شاگردن کي مفت ۾ آڻڻ واري ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرغزستان مان واپس آيل شاگردن جي والدين جو چوڻ هو ته حڪومت پاران شاگردن کي مفت ۾ آڻڻ جا دعويٰ ڪوڙا آهن، والدين جو چوڻ هو ته سندن ٻارن کي آڻڻ لاءِ 92 هزار رپيا سفري خرچ ڏنا ويا، جنهن بعد پاڪستان ايندڙ شاگردن واري لسٽ ۾ ٻارن جا نالا ڏنا ويا آهن، شاگردن جي والدين چيو ته پاڪستانين ڪرغزستان ۾ يونيورسٽيون ٺاهيون آهن.