اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال جون تائين رپئي جي قدر 18 سيڪڙو گهٽجي ويندي، ميڊيا رپورٽن موجب نيپرا عملدارن سان ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته جولاءِ ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ رپئي جي موجوده قدر بدران ايندڙ سال جون تائين رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي بنياد تي ڪئي وڃي، آءِ ايم ايف جي اندازن موجب ايندڙ سال جون تائين رپئي جي قدر 18 سيڪڙو گهٽجي ويندي، جيڪا 329 رپين جي سطح تائين گهٽجي ويندي. توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومت رپئي جي موجوده قدر جي بنياد تي جولاءِ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ 7 رپيا في يونٽ واڌ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، توانائي کاتي جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف رپئي جي گهٽتائي جي بنياد تي بجلي ٽيرف مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سال جي جون مهيني تائين رپئي جي قدر ۾ 18 سيڪڙو گهٽجي ويندي ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ 329 رپيا تائين پهچندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف کي تسليم ڪيو آهي ته گردشي قرض جو هدف 138 ارب رپين جي مارجن کان گهٽجي سگهي ٿو، پر يقين ڏياريو ويو آهي ته ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ذريعي عوام کان 20 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا اهڙي طرح گردشي قرضن کي 2.430 هزار ارب رپين تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.