پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مان وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ٻيهر گورنر هائوس اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو، هو وفاق کان خيبرپختونخواهه جا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهندا، هو صوبائي حڪومت سان گڏجي عوام لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. مالاڪنڊ درگئي ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وفاق ۽ صوبي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندس، ڳالهه دليلن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي . فيصل ڪريم ڪنڊي چيو وزيراعليٰ هائوس وڃڻ لاءِ تيار آهيان، هو صوبي جو ڪيس لاڳاپيل فورم تي وڙهڻ چاهي ٿو، سمورين پارٽين کي دعوت ڏيان ٿو ته اچي صوبي جو ڪيس وڙهن. گورنر هائوس هر سياسي پارٽيءَ جو گهر آهي.هن چيو ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون، صوبي ۾ گورنر جي حڪومت نه ٿا چاهيون.خيبرپختونخواهه جي گورنر وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ سياسي مقابلو ٿيندو، هاڻي ڪارڪردگي جو وقت آهي، صوبي جي حقن لاءِ وڏي وزير سان هر حال ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، گورنر راڄ لاڳو نه ڪنداسين، پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وزيراعليٰ بجلي تي قبضو ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪري .سندس چوڻ هو ته هن وفاقي حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته بجلي جون ٽي ڪمپنيون صوبي جي حوالي ڪيون وڃن، ان جي نفعي ۽ نقصان جي ذميوار صوبائي حڪومت هوندي، بجلي جي سوئچ تي قبضي ڪرڻ جو وقت نه هوندو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته مان صوبائي حڪومت کي چوان ٿو ته اچو گڏجي وفاق سان عوام جو ڪيس وڙهون، هي وقت جذبي جو نه پر ذميداري جو آهي، هن چيو ته ڪتن جي ڀونڪڻ سان قافلا ڪڏهن به ناهن رڪندا.