مشاهد حسين سيد پاران هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو

ڪراچي ( رپورٽر)  مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مشاهد حسين سيد هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.  ڪراچي ڪائونسل آف فارين افيئرز پاران منعقد ڪيل پاڪستان-آفريڪا لاڳاپن تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، عمران خان کي ڪنهن جي فون ڪال جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ئي آزاد ڪيو وڃي، 9 مئي بابت مونکي ڪا به خبر ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا آفريڪا سان تاريخي لاڳاپا آهن. لاڳاپن کي رڳو پرڏيهي وزارت تائين محدود نه رکڻ گهرجي پر ڪاروبار کي به هٿي ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ڪينيا ۾ تنزانيا ۽ يوگنڊا جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته 90 سال اڳ علامه اقبال مغربي تسلط جي خاتمي جي اڳڪٿي ڪئي هئي،هن چيو ته قوم ۾ جذبو موجود آهي، پر قيادت ٿوري ڪمزور آهي. جيڪي ماڻهو ون مين شو ٿيڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، اهي ناڪام ٿين ٿا، چاهي فوجي هجي يا سولين. اسان روئندا رهون ٿا ته سازش ٿي رهي آهي پر حقيقت ۾ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، هاڻي روئڻ بند ڪري عملي ڪم ڪرڻو پوندو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته آمريڪا ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ڇا چوندا اهو چوڻ بند ڪيو وڃي، اميد آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام آهي، اسان 23 ڀيرا ته آءِ ايم ايف وٽ وڃي چڪا آهيون.هن چيو ته مسئلي جو حل پاڪستان ۾ آهي، سڄي دنيا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي، سعودي عرب، چين، ڪويت، اومان هن وقت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان لاءِ معاشي عدام استحڪام آيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته فلسطين بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جون پاليسيون غلط آهن، صدر جوبائيڊن کي فلسطين جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي سزا ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.