اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته حڪومت نيٽ ميٽرنگ پاليسي جاري رکڻ چاهي ٿي، پاليسي جو جائزو مشاورت سان ڪيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته اسان ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو هو پر ن ليگ جي حڪومت ختم ڪرڻ کانپوءِ وري لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي، هن چيو ته اسان ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪارخانا لڳايا، هاڻ بجلي جي گهرج کي ڏسي گهٽتائي ڪنداسين. توانائي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ بجلي چوري به وڏو مسئلو آهي، بجلي چوري کي روڪڻ ضروري آهي، حڪومت سولائيزيشن جي حق ۾ آهي.اويس لغاري چيو ته ڪالهه ملڪ ۾ 20 هزار ميگا واٽ بجلي جي طلب هئي، 4 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ معاشي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي،هن چيو ته معيشت بجلي چوري جو نقصان برداشت نٿي ڪري سگهي.