بجلي طلب گهٽجڻ ۽ کوٽ جون سرڪاري دعوائون، لوڊشيڊنگ ۾ واڌ

ڪراچي( رپورٽر)   حڪومت بجلي طلب ۽ بجلي کوٽ جون گڏيل متضاد دعوائون ڪرڻ لڳي، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ لوڊشيڊنگ وڌي وئي آهي. زميني حقيقتن ۽ عملي ڪم مان بجلي طلب وڌڻ جي واضح نشاندهي ٿي رهي آهي. هڪ طرف حڪومت بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي جا خدشا ظاهر ڪري رهي  آهي ته ٻئي طرف بجلي جو شارٽ فال به جاري آهي. شهرن ۾ 14 ۽ ٻهراڙين ۾ 20 ڪلاڪن تائين بجلي بندش جيئڻ حرام بڻائي ڇڏيو . پاور ڊويزن جي ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي طلب 22 هزار 200 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار 17 هزار 150 ميگاواٽ تائين آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طلب ۽ رسد ۾ فرق سبب 5500 ميگاواٽ بجلي جو شارٽ فال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.