اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. نيب ترميمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران فيصل واڊا جي پريس ڪانفرنس جو به ذڪر ڪيو ويو. ٻڌڻي جي 5 رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس اطهر من الله نيب ترميمن بابت انٽر ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ تي ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيو . جسٽس اطهر من الله چيو اسان کي چيو پيو وڃي ته پٽڪن کي فٽبال بڻائينداسين، ائين چوندڙ حقيقت ۾ پاڻ کي ايڪسپوز ڪري رهيا آهن، ڇا توهان پنهنجي پراڪسيز ذريعي اسان کي ڌمڪائي رهيا آهيو. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جواب ڏنو نه ائين نه پيو ٿئي ۽ نه ائين ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مان ان جي حق ۾ ناهيان، جسٽس اطهر من الله چيو ته ان سان نه جج متاثر ٿيندو ۽ نه ئي هراسان ٿيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن خلاف پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ڪيس جو نمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، فيصل واوڊا جي ڪيس لاءِ ڪرمنل آفيشل نمبر 6/2024 تفويض ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا جي ڪيس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪاز لسٽ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاڻمرادو نوٽيس تي سڀاڻي (اڄ) ٻڌڻي ڪندي، بينچ ۾ جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس نعيم اختر شامل هوندا.