ججن خلاف متحده به ميدان تي،فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي:مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ججن خلاف ايم ڪيو ايم به ميدان تي اچي وئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جج وٽ اها طاقت آهي جيڪا چونڊيل وزيراعظم کي گهر اماڻي سگهي ٿي، جج وٽ ٻٽي  شهريت وڏو سواليه نشان آهي، عدليه کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.پريس ڪانفرنس ڪندي هن  چيو ته ڇا ٻٽي شهريت تي ڪوبه شخص قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو؟ ڇا ٻٽي شهريت رکندڙ کي جج هجڻ گهرجي.هن الزام لڳايو ته غريب ماڻهو پئسا خرچ ڪرڻ کان سواءِ عدليه مان انصاف نٿو وٺي سگهي، جج صاحب جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تفصيل ڏسي رهيا آهيون، ڏسي رهيا آهيون ته جج صاحب وٽ  گرين ڪارڊ، گهر ڀاتين وٽ شهريت آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ عدليه ڪنهن مظلوم سان بيهڻ لاءِ تيار نه آهي، هن چيو ته پاڪستان جا دشمن پاڪستان کي عراق، ليبيا، شام بنائڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن هن ملڪ کي ڪنهن جوڙي رکيو آهي ته  اها هٿياربند فوج آهي، اسان کي ائين لڳي رهيو آهي ته فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته جوڊيشري ۽ فوج وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.