سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر اقبال چوڌري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي جي سينٽر آءِ سي سي بي ايس ۾ ڇهين ڀيرو مقررٿيندڙ اڳوڻي ڊائريڪٽر اقبال چوڌري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.اڳوڻي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فرزانه شاهين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن بعد هاءِ ڪورٽ 13 مئي تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.ڪراچي يونيورسٽي جي ملازمن پاران ڊاڪٽر اقبال چوڌري جي مقرري خلاف احتجاج ۽ هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽي پاران 13 مئي تي جاري ڪيل تڪراري نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري جي مقرري ختم ڪئي وئي آهي.عدالتي فيصلي کان پوءِ آئي سي بي ايس جي استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ استاد اڳواڻن آڊيٽوريم ۾ گڏ ٿي ڊائريڪٽر فرزانه شاهين جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان اداري ۾ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.