رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري، ٿاڪن کي باهه

رائونتي (ن ع آ ) ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر سمير نور چنا جي سربراهي ۾ گھوٽڪي پوليس ۽ رينجرز جي جديد هٿيارن سان  گڏ وڏي نفري ساڻ ڪري رائونتي ڪچي ۾ ڏوھارين ۽ اغوا ڪارن خلاف گڏيل آپريشن جاري آهي، گھوٽڪي پوليس موجب ڪچي جا سمورا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن، آپريشن دوران ڏوھارين جا ٺڪاڻا پڻ تباھه ڪيا ويا آهن، ڏوھاري آپريشن شروع ٿيڻ بعد پنھنجا ٺڪاڻا ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، ھوڏانھن گھوٽڪي پوليس ڪجهه ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي گهوٽڪي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آپريشن ۾ چين اي پي سي بختر بند گاڏيون جديد مشينري سميت پوليس، رينجرز جي وڏي نفري حصو وٺي رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.