يونيورسٽين کي منظم طريقي سان تباهه ڪيو پيو وڃي:چيف جسٽس

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ )سپريم ڪورٽ ۾ يونيورسٽين ۾ مستقل وي سي مقرر نه هجڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته تعليم کاتي ۾ ويٺل آفيسر مکيون ماري رهيا آهن.  جيڪڏهن ملڪ ۾ گارين جا انگ اکر جاري ڪيا وڃن ته پاڪستان پهرين نمبر تي اچي ويندو. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته اسان اسڪولن کي تباهه ڪري اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهيون. حڪومتون به اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون ڪن ٿيون جيڪي اسڪولن کي تباهه ڪن ٿا. جهڙي طرح پي آءِ اي ۾ تباهي آئي، اهڙي طرح يونيورسٽين ۾ تباهي ٿي رهي آهي. ملڪ جون 66 سرڪاري يونيورسٽيون مستقل وائيس چانسلر کانسواءِ آهن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته يونيورسٽيون پاڪستان جو مستقبل آهن پر انهن کي منظم طريقي سان تباهه ڪيو پيو وڃي. چيف جسٽس يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر نه ڪرڻ ۽ نامڪمل رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ملڪ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلرن جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. هائير ايجوڪيشن پاران سڄي ملڪ جي يونيورسٽين بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته تعليم کاتي ۾ ويٺل آفيسر مکيون ماري رهيا آهن، هن ملڪ ۾ سڀ ڪجهه آهستي آهستي تباهه ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ جا گارين جا انگ اکر جاري ڪيا وڃن ته پاڪستان پهرين نمبر تي اچي ويندو. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته اسان اسڪولن کي تباهه ڪري اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهيون. حڪومتون به اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون ڪن ٿيون جيڪي اسڪولن کي تباهه ڪن ٿا. جهڙي طرح پي آءِ اي ۾ تباهي آئي، اهڙي طرح يونيورسٽين ۾ تباهي ٿي رهي آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالتي سهڪار بابت رول 27 اي کان بي خبر ظاهر ٿيو ۽ چيو ته اسان کي ڪوبه نوٽيس جاري ناهي ڪيو ويو. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نوٽيس عدالت جي مدد لاءِ جاري ڪيو ويو هو، پارٽي طورنه .چيف جسٽس چيو ته توهان کي بنيادي ڳالهه جي خبر ناهي، توهان صرف سنڌ جي لاءِ دعا ڪري سگهو ٿا. 19 يونيورسٽين لاءِ 19 وائيس چانسلرن جي مقرري نه ٿيڻ تي وضاحت ڪندي وڪيل ڪي پي ڪي چيو ته هر يونيورسٽي لاءِ 3 نالا گورنر کي موڪليا ويا آهن، پر اهي نالا منظر عام تي نه آيا آهن. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انهن ماڻهن سان ڪهڙي دشمني آهي جن جا نالا لڪايا پيا وڃن؟ ڇا اهو ايٽمي ڪوڊ يا آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي خلاف ورزي هوندو؟ اهي عوام جي ٽيڪس مان پگهار وٺندا آهن ۽ انهن کان معلومات لڪائيندا آهن. هر هنڌ پنهنجو نوڪر لڳائڻ ڳجهو رکيو پيو وڃي، شايد ڪنهن ايم پي اي جي رشتيدار کي لڳائڻو هجي. ملڪ ۾ هڪ به حڪومت صحيح طريقي سان نه هلي رهي آهي. تعليم جو شعبو ٺيڪ ڪريو ته سڄو ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ سرڪاري يونيورسٽين ۾ اڪيڊمڪ ۽ نان اڪيڊمڪ عملي جا انگ اکر، ڪنٽرولر امتحانات ۽ ڊائريڪٽر فنانس جي خالي پوسٽن جا تفصيل ۽ يونيورسٽين جي بجيٽ جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.