تيل اگهن ۾ وڏي گهٽتائي، پيٽرول 15 ۽ ڊيزل 8 رپيا سستو

اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اوگرا پيٽروليم شين جي  قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 9 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 7 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.