پني عاقل مان اغوا ٿيل نينگرکي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، تحريڪ هلائڻ جو اعلان

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل واسي مغوي نينگر  بازياب نه ٿيو،  شھرين پاران نينگر جي بازيابي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي احتجاجي ريليون ڪڍڻ ۽ 2 ڏينهن شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو ويو آهي، پني عاقل ۾  نينگر محمد حسين آرائين کي گهر ۾ گهڙي اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف پوليس پاران ورتل مهلت ختم ٿيڻ بعد پنوعاقل بار ايسوسيئيشن ۾ صدر جمال ناصر بلو جي صدارت هيٺ اجلاس گھرايو ويو، خميس ڏينهن ڏهين وڳي دعا چوڪ کان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو ۽  لڳاتار ٻھ  ڏينهن شھر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته ڇنڇر جي ڏينهن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو،اجلاس ۾ وڪيل اڳواڻن،سياسي سماجي ڌرين،نينگر جي وارثن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ڪريانه، ڪلاٿ ۽ ٻين يونينز جي اڳواڻن کي مارڪيٽون بند رکڻ جو پابند ڪيو ويو ،جيستائين نينگر بازياب نه ٿيندو تيستائين تحريڪ جاري رکي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.