اسٽريٽ ڪرائيم ۾ منشيات فروش ملوث آهن:گهرو وزير

ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير اسٽريٽ ڪرائم ۾ به منشيات فروشن کي ملوث قرار ڏنو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي صدارت هيٺ منشيات جي ڦهلاءَ ۽ ان جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ گهرو وزير قانون ضياءَ الحسن لنجار، صوبائي وزيرن سردار شاهه طارق شرڪت ڪئي. ٽالپر شاهد طهيم ۽ ايف، ايڪسائيز کاتي ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن پڻ  شرڪت ڪئي. اجلاس کي اي اين ايف عملدارن صوبائي سطح تي ڊرگ مافيا خلاف جاري ڪارروائين ۽ ان سلسلي ۾ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ جي گهرو وزير چيو ته ڪرمنل ڪيسن جي جاچ ۽ جاچ جي اڳڀرائي مان اهو معلوم ٿيو آهي ته منشيات فروش به اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڇنڊڇاڻ هيٺ منشيات جي استعمال لاءِ وڏا بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

  1. آءِ جي سنڌ پاران اسڪريپ ڊيلرن خلاف ڪارروائين تي اطمينان جو اظهار

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪراچي شهر ۾ چوري جو سامان خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪندڙ اسڪريپ ڊيلرن خلاف پوليس ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو ۽ وڌيڪ ضروري هدايتون ڏنيون ويون. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مختلف ڪيسن جي جاچ ۽ جاچ کانپوءِ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته وڏن سرڪاري منصوبن مان چوري ٿيل لوهه جو تعميراتي سامان اڪثر ڪري اسڪريپ ڊيلرز کي وڪرو ڪيو ويندو آهي. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته سمورا پوليس آفيسر هڪ ٽيم جي حيثيت سان شهر ۾ منشيات / گينگز خلاف وڌيڪ سخت قدمن کي يقيني بڻائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.